GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

چين سان ڀرپور رابطن جي ذريعي سي پيڪ جي پهرين مرحلي جا ثمر حاصل ڪري ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، بي آر آءِ جي پهرين مرحلي جا مقصد سي پيڪ جي صورت ۾ حاصل ڪري ورتا آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو چين جي نشرياتي اداري سي جي ٽي اين کي انٽرويو

image

اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين سان ڀرپور رابطن جي ذريعي سي پيڪ جي پهرين مرحلي جا ثمر حاصل ڪري ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، بي آر آءِ جي پهرين مرحلي جا مقصد سي پيڪ جي صورت ۾ حاصل ڪري ورتا آهن، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، چين سان حصيداري تي ٻڌل لاڳاپا قائم آهن، سي پيڪ سان خطي ۾ ترقي جو هڪ نئون دور شروع ٿيو آهي، معاشي ترقي جي لاءِ خطي جي ملڪن سان مثبت لاڳاپا قائم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. ڊيووس جي دوري دوران چين جي نشرياتي اداري ”سي جي ٽي اين“ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته صنعتي ميدان ۾ ترقي سان معاشي استحڪام ايندو. نگران ڪابينا جي معيشت جي بهتري جي لاءِ ترجيحن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي ايجنڊا تي اقتصادي بحالي سڀ کان پهرين آهي، ٽيڪنالاجي جي تبديلي بحث هيٺ آهي، ٻه وڏا عمل سڄي دنيا ۾ هر قسم جي اقتصادي سرگرمين کي متاثر ڪري رهيا آهن، خاص طور تي اسان جي خطي ۾ مختلف تڪرارن ۽ فليش پوائنٽس جي حوالي سان خيال جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آهي جڏهن ته سپلائي چين ۽ مجموعي اقتصادي سرگرمين کي متاثر ڪرڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان دستياب موقعن مان بهترين فائدو کڻڻ جي حوالي سان ماحول کي ڏسندو آهي، اسان هن وقت درپيش چئلينجز ۽ انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن جي مرحلي ۾ آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪي سطح تي جڏهن حڪومت جو ماپو ايترو وڏو نه آهي ته اسان کي خرچ گهٽ ۽ آمدني وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، مختصر حڪومت سدائين ڪاروبار، وڌيڪ آمدني حاصل ڪرڻ، سٺي ٽيڪسيشن نظام ۽ بنيادي ڍانچي جي سڌارن جي لاءِ سٺي هوندي آهي ۽ اهو هڪ اهڙو شعبو آهي جيڪو معاشي بحالي جي ملڪي اقتصادي ايجنڊا مان سڀ کان اولين هجڻ گهرجي. هن چيو ته جنهن انداز ۾ چيني صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ بي آر آءِ منصوبو هلي رهيو آهي، پاڪستان ان مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ ان تي ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته چين سان صنعتن جي ڏکڻ اوڀر ايشيائي، ڏکڻ ايشيائي، ڏکڻ آمريڪا ۽ دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ منتقلي ٿي رهي آهي، پاڪستان کي ان جو ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي ۽ پنهنجو پاڻ کي هڪ فعال اقتصادي ملڪ ۽ مينوفيڪچرنگ جي شعبي ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مينوفيڪچرنگ جو شعبو پوري خطي جي لاءِ هڪ مرڪز بڻجي سگهي ٿو، جيڪڏهن اسان خطي ۾ صحيح پاليسيون آڻيون ٿا جنهن ۾ توانائي ۽ ان جي قيمت ۽ ان سان واڳيل ايڪو سسٽم شامل آهي، اسان کي ڇٽاڀيٽي واري انداز ۾ ڪاروبار جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي، انهن کي بجلي جا مقابلي وارا اگهه فراهم نه ٿا ڪري سگهون، اسان کي ان شعبي ۾ پنهنجي پاليسي کي معقول بڻائڻ ۽ مارڪيٽ ريٽ جي سطح تي آڻڻ جي ضرورت آهي جتي صنعت وڌيڪ چٽاڀيٽي واري بڻجي وڃي. هن چيو ته اسان کي سستي افرادي قوت ۽ صحيح مهارت دستياب آهي تنهن ڪري هڪ ڀيرو جڏهن اسان صحيح توانائي جي پاليسي متعارف ڪرائينداسين ته اسان ڪافي حد تائين ان پوزيشن ۾ هونداسين ته خطي ۾ مينوفيڪچرنگ جو مرڪز بڻجي وڃون. هن چيو ته توانائي جي صحيح پاليسي اها آهي ته توهان جيڪو في يونٽ بجلي ڏيو ٿا اهو ڀارت، بنگلاديس، سريلنڪا سان مسابقت ۾ هجي ۽ اهو گهٽ ۾ گهٽ 8 سينٽ کان گهٽ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان خصوصي اقتصادي زونز تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اسان اهي سموريون پاليسيون آڻي رهيا آهيون جتي سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ حڪومت پاران سهولت هجي. بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ماحوليات جي حوالي سان پائيدار قدمن تحت ڪيترائي موقعا آهن، موسمياتي تبديلي ۽ ان جي عالمي ذميواري شفاف توانائي جي پيداوار جيڪا آبادي جي بهترين استعمال جي لاءِ هجي، اهو هڪ اهڙو شعبو هوندو جتي جدت رکندڙ نئين ٽيڪنالاجيز اينديون ۽ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ٿيندي جنهن ۾ يقيني طور تي چين پنهنجي حصيدارن سان گڏجي اهڙي سيڙپڪاري کي عملي جامعو پارائڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر پاڪستان ان مان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته جڏهن چين ترقي ڪري ٿو ته سڀني کي فائدو ٿئي ٿو. چيني ماڊل بابت سڀ کان سٺي ڳالهه اها آهي ته هو اقتصادي مداخلت تي يقين رکي ٿو، سڀ جي فتح تي يقين رکي ٿو، گڏيل هم آهنگي ۽ تعاون تي يقين رکي ٿو، اهڙي رويي سان تخليقي صلاحيتون سامهون اچن ٿيون، نئين حل تي ٻڌل حڪمت عملي بڻجي ٿي ۽ انساني سفر وڌيڪ اڳتي وڌي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رابطي ۾ رهڻ ئي بنيادي اصول آهي، ماڻهو مختلف قسم جا جواب ٻڌڻ لاءِ تيار آهن، انهن جي تلاش ۽ تحقيق ڪري رهيا آهن، چيني موقف وڌيڪ قابل عمل، تعميري ۽ وڌيڪ شموليت رکندڙ هوندو. هن چيو ته اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ ورڇ جي سلسلي ۾ هڪ مسئلو اهو آهي ته هڪ طرف ماڻهن ۽ قومن جي لاءِ ڪجهه اقتصادي فائدا آهن ۽ ٻئي طرف ماڻهن ۽ قومن جي لاءِ ڪجهه نقصان به آهن ته ان خال کي ڪيئن ڀري سگهجي ٿو؟ نيون ٽيڪنالاجيز يا ته سماجي نظام کي فعال بڻائي رهيون آهن يا ان ڀڃ ڊاهه جي حوصلا افزائي ڪري رهيُون آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل اسپيس ۽ اليڪٽرانڪ اسپيس کان شروع ٿي مصنوعي ذهانت طرف هڪ اهڙو سفر آهي جيڪو ايتري تيزي سان طئي ٿيو آهي جو ڏکڻ يا اتر جي ڪيترين ئي قيادتن جي لاءِ ان ۾ ٿيندڙ سمورين تبديلين جي سببن کي سمجهڻ تمام مشڪل آهي. هن چيو ته ڇا اهي تبديليون وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون؟ ڇا اهي سڃاڻپ يا اميري ۽ غربت جي بنياد تي وڌيڪ تڪرارن کي جنم ڏينديون؟ ۽ ڇا اهڙي قسم جو احساس محرومي تڪرارن جو سبب بڻجي سگهي ٿو؟ اهي سمورا اهي چئلينجز آهن جن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ گڏيل بقاءَ جي لاءِ وڌيڪ بحث ۽ کليل دل ۽ ذهن سان ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بحث ۽ مباحثن تائين پهچ کي وڌائڻ گهرجي، وڌ کان وڌ ماڻهن کي ان ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، عوامي سطح تي اهڙو مباحثو ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت آهي ته جيئن ٻنهي طرفن جا ماڻهو اخلاقي دائري ۾ رهندي پنهنجي چونڊ ڪري سگهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ صحيح بيانيو تخليق ڪرڻ جي ضرورت آهي، صحيح ۽ معياري معلومات فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن توهان ائين نه ٿا ڪريو، توهان ان بيانيي جي لاءِ مسخ ٿيل يا غلط معلومات تي دارومدار ڪريو ٿا ۽ حقيقت کان خالي بيانيو ٺاهيو ٿا ته اهڙي صورت ۾ ان بيان ڪيل هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوشش سدائين هڪ ناقابل حصول مقصد جي خاطر ٿي رهي هوندي ان لاءِ بهتر آهي ته اڳ ۾ مرحليوار ان جي مناسب طريقي سان منصوبابندي ڪئي وڃي، هڪ بيانيو آندو وڃي ته باعلم مباحثي ۽ معياري معلومات تي ٻڌل هجي، جڏهن ائين ٿي وڃي ته عملدرآمد جو حصو ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ آسان ٿي وڃي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بي آر آءِ جي پهرين مرحلي جي مقصدن کي حاصل ڪري ورتو آهي جيڪو سي پيڪ جو پهريون مرحلو آهي ۽ هاڻي اسان سڀ ان جي شروعاتي ثمرن مان فائدو کڻي رهيا آهيون، اسان هاڻي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، ٻئي مرحلي ۾ اسان کي وڌيڪ غور فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي، واپار ۽ صنعتڪاري جي موقعن جي لاءِ رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهي وڏا يونٽ جن جي اسان اميد ڪري رهيا آهيون ايندڙ ڏهاڪي جي هڪ وڏي ڪاميابي هوندا. هن چيو ته ان کي عملي جامعو پارائڻ کان اڳ اسان کي چڱي طرح ڳالهه ٻولهه ۽ غور فڪر جي ضرورت آهي، اسان رابطن جا ڪيترائي ذريعا، رستا، فضائي رابطا ۽ ٻيا لنگهه ٺاهيا آهن، اسان ان پوري ماحول سان هڪ ٻئي سان واپار ڪري فائدو کڻي رهيا آهيون، ٻيون علائقائي طاقتون به هڪ ٻئي سان واپاري سرگرميون سرانجام ڏئي رهيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان چيني معيشت جي حوالي سان سدائين پراعتماد رهون ٿا، ان جو منطق اهو آهي ته ڏيڍ ارب صارفين ۽ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ڪري باقي دنيا چين سان واڳيل آهي، اهي شين جي پيداوار ۽ دنيا کي برآمد ڪري رهيا آهن، ڏيڍ ارب جي آبادي جي ملڪ کي باقي دنيا جي آبادي سان ڳنڍجي رهڻو آهي، چين وٽ بهترين انساني وسيلا آهن، انهن جي معيشت هڪ خاص سطح تائين پهچي چڪي آهي، انهن وٽ صحيح مالياتي ذريعا ميسر آهن، هڪ تمام وڏي منڊيءَ جي ڪري دنيا چين ۾ دلچسپي رکي ٿي ۽ چين جي به دنيا ۾ دلچسپي آهي، ان جي ڪري معيشت ترقي ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي سرگرميون پاڪستان سميت مختلف سياسي نظامن جي آئيني گهرج آهي، پاڪستان ۾ اسان عام چونڊن طرف وڌي رهيا آهيون، اسان عوام جي لاءِ پنهنجي پسند جي چونڊ جي ان مرحلي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا جيڪا پنهنجي چونڊ حڪومت ۽ قيادت جي چونڊ ان اميد سان ڪرڻ وڃي رهي آهي ته اقتصادي بحالي جو منصوبو انهن جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ اقتصادي بحالي جو منصوبو پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ انهن جي اهم ترين ايجنڊا ۾ شامل هوندي.

مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں