اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ميجر محمد اڪرم شهيد نشان حيدر کي 53هين ورسيءَ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ميجر محمد اڪرم شهيد کي وطن جي دفاع جي لاءِ 1971ع ۾ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي قوم پاران سلام پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري ميجر محمد اڪرم شهيد جي حب الوطني جي جذبي ۽ قوم جي لاءِ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ميجر محمد اڪرم شهيد وطن جي لاءِ عظيم قرباني ڏني. صدر چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي احسانمند رهندي. صدر چيو ته قوم پنهنجي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ انهن جي قربانين کي نه وساريندي. صدر شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.