GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي، نگران حڪومت ليول پليئنگ فيلڊ يقيني بڻائيندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي جڏهن ته نگران حڪومت ليول پليئنگ فيلڊ يقيني بڻائيندي، اسان هر محاذ تي فلسطين جي لاءِ آواز بلند ڪيو، پاڪستان اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو، غزه ۾ فوري جنگبندي ٿيڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن کي امداد پهچائي سگهجي، آءِ ايم ايف جو وفد 2 نومبر تي پاڪستان جو دورو ڪندو، ايس آءِ ايف سي سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي، اسمگلنگ معاشي ترقي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي، نگران حڪومت جي موثر انتظامي قدمن سان کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. هو ميو اسپتال لاهور جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي سميت ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا. نگران وزيراعظم چيو ته دنيا جو ڪو به ملڪ غيرملڪين کي غيرقانوني طور تي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت نه ٿو ڏي، اهو تاثر غلط آهي ته رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي واپس موڪليو پيو وڃي، غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن پناهگيرن کي واپس انهن جي ملڪن ۾ موڪليو ويندو. ڪنهن به ٻئي ملڪ جو شهري قانوني طور تي ويزا وٺي پاڪستان اچي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ايندڙ چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي، چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هر معاونت فراهم ڪنداسين ۽ سڀني جي لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ کي يقيني بڻائينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تڪبندين جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جو هڪ مخصوص طريقيڪار آهي جنهن تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. اسان کي پنهنجي عمل جي ذريعي ٻين جي لاءِ مثال بڻجڻو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڃا تائين اليڪشن ڪميشن ڪنهن به سياسي پارٽي تي ڪا پابندي ناهي لڳائي. حڪومت جي پاليسي آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي برابر سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هر سياسي پارٽي کي سياسي سرگرمين ۽ اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي. نگران حڪومت ڪو غيرقانوني ۽ غيرآئيني قدم نه کڻندي. فلسطين تي اسرائيلي ظلمن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو. اسان هر محاذ تي فلسطين جي لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. غزه تي او آءِ سي اجلاس ۾ پاڪستاني پرڏيهي وزير ڀرپور نمائندگي ڪئي آهي. چين جي تازي دوري ۾ عالمي اڳواڻن سان پڻ ان تڪرار جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اهو ڊگهي عرصي کان حل طلب عالمي تڪرار آهي. پاڪستان ان حوالي سان پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته غزه ۾ فوري جنگبندي ٿيڻ گهرجي ته جيئن مظلوم فلسطينين کي امداد پهچائي سگهجي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته آءِ ايم ايف جو وفد 2 نومبر تي پاڪستان جو دورو ڪندو. ان حوالي سان پاڪستان جون سموريون تياريون مڪمل آهن. اميد آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان معاملا ڪاميابي سان طئي ٿي ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايس آءِ ايف سي سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. ايس آءِ ايف سي کي پارليامينٽ جي ذريعي مڪمل تحفظ حاصل آهي. هن چيو ته اسمگلنگ ملڪي معاشي ترقي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ رهي آهي. نگران حڪومت جي وقت سر ۽ موثر انتظامي قدمن سان اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي خاتمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان حڪومت جي قدمن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي کانپوءِ اٽي، کنڊ، گيهه ۽ دالين سميت کاڌي پيتي جي ٻين شين ۽ جنسن جي اگهن ۾ گهٽتائي آئي آهي. اميد آهي ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿيندي. هن چيو ته مذهبي سياحت جي فروغ لاءِ قدم وقت جي اهم ضرورت آهي، شاهي قلعي جي ثقافتي ورثي جي بحالي خوش آئنده آهي. سياحت جي فروغ جي حوالي سان جتي ضرورت هوندي وفاقي حڪومت پنجاب کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. ثقافتي جي فروغ جي لاءِ پنجاب حڪومت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. اميد آهي ته ٻيا صوبا به سياحت جي فروغ لاءِ قدم کڻندا. لاهور جي تازي دوري سان پنجاب حڪومت جي ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن بابت آگاهي ملي آهي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں