اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سينئر صحافي مسعود م??ڪ کي سوين سوڳوارن جي موجودگي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي ايڇ ايٽ قبرستان ۾ مرحوم جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر حاجي نواز کوکر، عرفان صديقي، پرنسپل انفارميشن آفيسر ( پي آءِ او) طاهر خوشنود، پيمرا جو چيئرمين سليم بيگ، صدر جي پريس سيڪريٽري ميان جها??گي??، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مينيجنگ ڊائريڪٽر طارق ??حم??د خان، مشهور سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر جمال ناصر، قومي اسيمبلي ميمبر صداقت عبا??ي، انجم عقيل خان سميت اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن، سينئر صحافين، صحافتي تنظ??من جي عهديدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.